روالپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) سيڪيور??ي فورسز ڏکڻ وزيرستان ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳجهي معلومات تي ڪارروائيون ڪيون جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ ديسي ساخت جو بم ڦاٽڻ سبب پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ا??س پي آر مطابق 20 نومبر 2023ع تي ڊيره اسماعيل خان ضلع جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 دهشتگرد مارجي ويا. ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل هڪ ڌار ڪارروائي ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد مارجي ويو. مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا جيڪي سيڪيور??ي فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائ??ن ۾ استعمال ٿيندا رهيا. هڪ ٻيو واقعو اتر وزيرستان صلع جي غوريوم ۾ پيش آيو جتي هڪ ديسي ساخت جو بم ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شاهه زيب جنهن جي عمر 26 سال هئي ۽ هو راولپنڊي جو رهواسي هو شهيد ٿي ويو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. آءِ ا??س پي آر چيو آهي، ته پاڪستان جون سيڪيور??ي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جا بهادر سپاهي اهڙيون قربانيون ڏئي اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن.