اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي سپريم ورٽ پاران 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي توثيق ڄمون ۽ ڪسمير جي تڪرار جي تڪراري نوعيت کي نظرانداز ڪيو آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ جو ڄمون ۽ ڪشمير تي قطعي طور تي ڪو دائره اختيار نه آهي جيڪو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ نه ئي ڀارتي آئين جي ڪا شق ڄمون ۽ ڪشمير تي لاڳو ٿئي ٿي. عالمي قانون تحت ڄمون ۽ ڪشمير جي خطي جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جي اظهار لاءِ خميس ڏينهن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪسمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ هن پاڪستان پاران ??ارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت سپريم ڪورٽ آف انڊيا جي غيرقانوني ۽ ناقابل قبول فيصلي کي سختي سان رد ڪ??ڻ جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان ??يو ته پاڪستان ??يره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي اڱاري ڏينهن ٿيندڙ دهشتگرد ??ملي تي عالمي برادري پاران همدردي ۽ تعزيت جي اظهار جي پيغامن کي ساراهيو آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ??ڌي ۽ بزدلاڻي دهشتگرد ??ملي جي سختن ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ پنهنجي گهري همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن دهشتگردي جي مذمت جوڳي ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن، منتظمين، مالي مدد ڪندڙن ۽ اسپانسرز کي جوابده قرار ڏيڻ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي ان سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت سان ??ڏوگڏ ٻين سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال تعاون ڪن. هن چيو ته اسان افغان عبوري حڪومت جي ان بيان ??ي نوٽ ڪيو آهي ته اها 12 ڊسمبر جي دهشتگرد ??ملي جي جاچ ڪندي. افغانستان ??ي ان ??ڌي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ انهن عنصرن کي افغانستان ۾ ٽي ٽي پي قيادت سميت پاڪستان جي حوالي سان ??رڻ گهرجي، اسان افغانستان ??ان اها به اميد ڪريون ٿا ته هو پاڪستان جي خلاف دهشتگرد ??نظيمن پاران افغان سرزمين جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻندو. ترجمان ??يو ته پاڪستان 12 ڊسمبر 2023ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران منظور ڪيل قرارداد جي آجيان ??ري ٿو، جنهن ۾ فوري انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ غزه جي ماڻهن تائين انساني همدرديءَ جي بنياد تي پهچ کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ وڌندڙ اسرائيلي ظلمن ۽ لبنان ۽ شام جي خلاف حملن جي مذمت ڪئي جيڪي انهن ملڪن جي علائقائي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. اسرائيل عالمي قانون ۽ انساني اصولن جي مڪمل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي اسرائيل جي وڌندڙ جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻڻ گهرجن جيڪو پوري خطي کي لپيٽ ۾ آڻي هڪ وسيع ۽ وڌيڪ خطرناڪ تڪرار کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو مڃڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو دارومدار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب اسرائيل فلسطين تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل تي آهي. هن چيو ته ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ)، ايمبيسڊر شفقت علي خان 11 کان 14 ڊسمبر 2023ع تائين ماسڪو جو دورو ڪيو، ان دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جو مثبت جائزو ورتو ۽ واپار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ توانائي جي شعبن ۾ اعليٰ سطح جي ڳالهين، مشغوليت ۽ تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين افغانستان سميت علائقائي مسئلن تي تعميري ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم تي تعاون تي اتفاق ڪيو. افغانستان بابت خصوصي نمائندو ايمبيسڊر آصف دراني 13 کان 15 ڊسمبر 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ٻئي گلوبل ريفيوجي فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. گلوبل ريفيوجي فورم پناهگيرن جي عالمي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ پناهگيرن جي حوالي سان ذميواري جي حصيداري جي لاءِ گڏيل رستن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ عالمي برادري کي گڏ ڪيو. چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ هڪ وڏي ملڪ طور پاڪستان ??لوبل ريفيوجي فورم جي باني شريڪ ڪنوينرز ۾ شامل آهي.