اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان قنڌار جي گورنر ۽ اف??ان??تان جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ اسٽريٽجي جي نائب سربراهه حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن بشمول امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عوام سان عوام جي ر??بطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير اف??ان??تان سان مسلسل رابطي ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن جي ل??ءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ ڳڻتي جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. حاجي ملاشيرين چار ڏهاڪن کان لکين افغانين جي فراخدلاڻي حمايت تي پاڪستان کي ساراهيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ اعليٰ سطحي ر??بطي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ افغان وفد پاڪستان اف??ان??تان گڏيل رابطا ڪميٽي جي ڇهين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. جي سي سي اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين عوامي ر??بطن کي فروغ ڏيڻ جي مقصد جي ل??ءِ سرحد پار چر??ر کي آسان بڻائڻ جي ل??ءِ رابطاڪاري جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.