اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪ??تا?? جي موقف کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪ??تا?? جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن ۾ پاڪ??تا?? جي مستقبل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي فلسطين مسئلي تي پاڪ??تا?? جي موقف جي موثر نمائندگي تي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪ??تا?? جي موقف کي لاڳيتو اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪ??تا?? جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. منير اڪرم نگران وزيراعظم کي پنهنجي مشن جي ڪارڪردگي کان آگ??هه ڪيو ۽ نگران وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايتون ورتيون.