راولپنڊي-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم م??ير چيو آهي ته پاڪس??ان جي دفاع کي ??قيني ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ اسان پاڻڀري ۽ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکنداسين. قومي ترقيءَ جو رستو پي او ايف واهه جهڙي مقامي صنعتن سان ڳنڍيل هوندو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اهڙو اظهار هن پاڪس??ان آرڊيننس فيڪٽري جي دؤري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف کي ??ي او ايف جي پيداواري صلاحيت، پاڪس??ان جي هٿياربند فوج جي دفاعي ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ ۾ ان جي سهڪار ۽ برآمدي صلاحيت بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف پي او ايف مصنوعات جي وسيع رينج جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ٽيسٽ ۽ ٽرائلز تحت مقامي طور تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل نَوان هٿيار ۽ بارود شامل آهن. پي او ايف آفيسرن ۽ عملي کي خطاب ڪندي آرمي چيف پي او ايف کي ??اڪس??ان جي اهم دفاعي صنعت بنائي ملڪي سلامتي ۽ مع??شت ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. ان کان اڳ چيئرمين پي او ايف واهه آرمي چيف جي آجيان ڪئي.