ا??لا?? آباد – 22 – ??پر??ل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي وزيراعظم هائوس پُهچڻ تي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي گا??ڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم هائوس ۾ ايراني صدر جي اچڻ تي باضابط آجياڻي واري ??قر??ب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر جي شاندار آجيان ڪئي جنهن کانپوءِ کيس گا??ڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ايراني صدر گا??ڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو ايران جي صدر سان تعارف ڪرايو ويو. ايراني صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن کي پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متعارف ڪرايو. ايراني صدر ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف “ڌرتيءَ جي ڏينهن” جي مناسبت سان ٻوٽو پڻ هنيو.