اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آغا خان ڊيولپمينٽ ني?? ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ان جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، هنزه ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ ني?? ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽ??ڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرپرسن شهزاده ر??يم آغا خان پنج رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم پرنس ر??يم آغا خان کي پاڪستان حڪومت پاران نشان پاڪستان ملڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پاڪستان جي گهٽ ترقي يافته ۽ ڏورانهن علائقن خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ چترال ۾ سماجي ڀلائي جا مختلف منصوبا قائم ڪرڻ تي پرنس ر??يم آغا خان کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ ني?? ورڪ جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آغا خان ڊيولپمينٽ ني?? ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته هنزه ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ ني?? ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽ??ڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آغا خان ڊيولپمينٽ ني?? ورڪ جي اهتمام هيٺ گلگت ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي مائيڪرو فنانس بئنڪنگ م??ڪز قائم ڪرڻ کي علائقي جي عوام جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم آغا خان ڊيولپمينٽ ني?? ورڪ کي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ پاڪستان حڪومت سان حصيداري جي دعوت ڏني.