اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي سان معيشت کي وڌيڪ استحڪام ۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الحمدالله ملڪ معاشي طور تي صحيح رخ ۾ گامزن آهي، بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏي?? جي ل??ءِ قدم شامل ڪيا. هن چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتمادل بحال ٿيو، بجيٽ قدم لاڳو ڪر?? جي ل??ءِ حڪومتي ٽيم سرگرم آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو اولين ترجيح آهي، برآمدي صنعت جي ترقي جي ل??ءِ بجيٽ قدم يقين?? بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته برآمد ڪندڙن کي انهن جي ريفنڊز جي فوري ادائيگي يقين?? بڻائ?? جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي سان معيشت کي وڌيڪ استحڪام ۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪنداسين. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي ملڪي معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي ل??ءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد بجيٽ جي ڪاروباري برادري ۾ پذيرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته ان جا ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين تي مثبت اثر پوندا. ملاقات ۾ شهزاد سليم، زيد بشير، مصدق ذوالقرنين ۽ شهريار چشتي شريڪ هئا.