اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ س?? ڪيئر اسٽارمر کي پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. نائب وزيراعظم سوشل ميڊ??ا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي خوشي واري پيغام ۾ چيو ته آئون برطانيا ۾ پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي وچ ۾ گهري ۽ وسيع البنياد لاڳاپا رکندڙ آهن. نائب وزيراعظم ان اعتماد جو اظها?? ڪيو ته س?? ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ ع??لم?? امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.