اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميمبرن وڏي انگ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي ا??ڻ تي ميمبرن اٿي بيهي ۽ ڊي??ڪون وڄائي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ايوان ۾ وزيراعظم سان اقليتي ۽ عورت ميمبرن گروپ جي شڪل ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين ۽ اويس لغاري کانسواءِ بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني ا??واڻ خالد مگسي پ?? ملاقات ڪئي.