اسلام آباد – 17 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمن?? جي عالمي نشرياتي اداري ڊوئچي ويلي (ڊي ڊبليو) جي اردو سروس جي 60 هين سالگرهه تي م??ارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گذريل 60 سالن دوران اردو صحافت ۾ ڊوئچي ويل?? جي اردو سروس نشر??ات جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ سماجي م??املن تي ڊي ڊبليو اردو سروس جي غيرجانبداراڻي رپورٽنگ ٻين صحافتي ادارن جي لاءِ پڻ م??عل راهه آهي.