اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ ق??نو?? لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل انٽيليجنس آپريشن ۾ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آپريشن دوران هاءِ پروفائيل دهشتگرد سميت سماج دشمنن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ق??نو?? لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ چيو ت?? دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم ??وانن جي پٺيان بيٺل آهي. صدر چيو ت?? دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو ڪيو ويندو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.