اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دولت مشترڪه سان تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان دولت مشترڪه جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي تنظيم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ڳالهائي رهيو هو جنهن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. صدر موسمياتي تبديلي، تعليم، پارلياماني مٽاسٽا، قدرتي آفتن جي شعبن ?? مضبوط تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پارلياماني ادارن خاص طور تي نوجوان پارليامينٽرينز ۽ شاگردن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان م موسمياتي تبديلي جي اثرن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر جو چوڻ هو ته پ??ڪس??ان کي موسمياتي تبديلين سان تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو، موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ تمر جا وڻ لڳايا ويا، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽ جي واپار سان 27 ملين ڊالر ڪمايا ويا. هن چيو ته سنڌ حڪومت 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ 20 لک پائيدار گهرن جي تعمير شروع ڪئي. سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جو چوڻ هو ته پ??ڪس??ان کي موسمياتي تبديلي سان واڳيل وڏا چئلينجز درپيش آهن. سيڪريٽري جنرل تنظيم جي پ??ڪس??ان سان متحرڪ تعاون تي روشني وڌي. صدر 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پ??ڪس??ان جي لاءِ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي خدم??ن کي ساراهيو.