اسلام آ??اد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ٽرانسميشن اي??ڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) وزيراعظم جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ واري پروگرام تحت اسلام آ??اد جي آفيس ۾ هڪ جديد ڊ?? ڪيئر سينٽر قائم ڪيو آهي. اداري جي جنرل مئنيجر (ايڇ آر) انجنيئر سهيل ممتاز باجوا ۽ جنرل مئنيجر پروجيڪٽ ڊليوري (اتر) انجنيئر شاهد نذير زيرو پوائنٽ جي ويجهو سيڪٽر جي سيون ون ۾ قائم آفيس ۾ ڊ?? ڪيئر سينٽر جو افتتاح ڪيو، ڊ?? ڪيئر سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت آفيسرن ۽ عملي جي سهولت مهيا ڪرڻ آهي، اداري جي جنرل مئنيجر سينٽر ۾ موجود راندين جي ڪمري، نرسري ۽ باورچي خاني جو دورو ڪيو ۽ اعليٰ معيار جي سهولتن جي ساراهه ڪئي. اهو منصوبو اين ٽي ڊي سي ۾ ٽيون اضافو آهي، ان کان اڳ شاهين ڪمپليڪس ۽ لاهور ۾ ٽي ايس جي ٽريننگ سينٽر اڳ ۾ ئي قائم ??هن?? جڏهن ته ملتان، حيدرآ??اد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ آفيسرن لاءِ وڌيڪ ڊ?? ڪيئر سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن. توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) جي هدايتن جي تعميل ۾ هيڊ آفيس جي سطح تي هڪ ڪراس فنڪشنل ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا عورتن جي ملازمن لاءِ ڊ?? ڪيئر سينٽرز ۽ سهولتن جي قيام جي معاملن جي نگراني ڪندي. ان موقعي تي اين ٽي ڊي سي ڊ?? ڪيئر سينٽرز جو فوڪل پرسن ۽ ٻيا سينيئر آفيسر ۽ بيو عملو موجود هو.