راولپنڊي-07 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ چئن آپگهاتي بمب??رن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 6 سيپٽمبر 2024ع ??ي صبح جو سوير چئن خارجي دهشتگردن جي هڪ گروپ مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمپ ۾ داخل ٿ??ڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪ??رن اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻايو ۽ ان جي نتيجي ۾ چئني آپگهاتي بمب??رن کي گهربل نقصان پهچائڻ کان پهرين ئي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي موجود خارجي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي آپريشن ڪيو پيو وڃي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو ??ات??و ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي عزم سان بيٺل آهي.