اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽت??ئي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽت??ئي ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌر??ئي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽت??ئي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ناڻي واڌ جي شرح ۾ تيزي سان ٿيندڙ گهٽت??ئي جي ڪري وياج جي شرح ۾ گهٽت??ئي آئي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽت??ئي ٿيندي. هن چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.