نيويارڪ -28 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف نيويارڪ جو پنجن ڏينهن جو ??ورو مڪمل ڪرڻ بعد وطن واپس روانو ٿي ويو. وز??را??ظم پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب سميت مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، نيويارڪ ۾ قونصل جنرل عامر ا??وز??ي ۽ گڏيل قومن ۾ نائب مستقل نمائندي عثمان جدون وز??را??ظم کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. وز??را??ظم شهباز شريف پنهنجي 21 منٽن واري خطاب ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي ايجنڊا جي سمورن معاملن جو جا??زو پيش ڪيو، جنهن ۾ فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جو ڀرپور مطالبو پڻ ڪيو. وز??را??ظم سيشن جي موقعي تي سربراهي اجلاسن ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اوچائي سبب پيدا ٿيل موجوده خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۽ ليڊرشپ فار پيس ??ي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کليو بحث به شامل هو. عالمي اڳواڻن سان گڏ سندس ٻه طرفين ملاقاتن ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ يو اين جي اي جي صدر فليمون يانگ، برطانيه، ايران، بنگلاديش، نيپال ۽ مالديپ جي وفدن جي اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهن سان به ملاقاتون شامل هيون. هن آمريڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ۾ خيالن جو ??ظهار پڻ ڪيو.