اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چ??ئر??ين سيد يوسف رضا گيلان?? چيوآهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جو زلزلو قوم لاءِ آزمائش هئي. قوم ان آزمائش جي وقت ۾ جنهن اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. ان جو مثال نٿو ملي . گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب 8 آڪٽوبر جي زلزل?? جي ياد جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ان زلزل?? جي تباهڪارين ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن کي اسان اڄ تائين ناهي وساريو. سڄي قوم 8 آڪٽوبر جي قدرتي آفت دوران وڇڙي ويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي . ??ينيٽ چ??ئر??ين سيد يوسف رضا گيلان?? چيو ته 8 آڪٽوبر جي زلزلي دوران سڄي قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀائرن سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته ملڪي عوام جي ان بي مثال قومي اتحاد ۽ يڪجهتي متاثرن کي نئين سر پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو. ان قدرتي آفت دوران آزاد ڪشمير ۽ اترئين علائقن جا اٽڪل 80 هزار کان به وڌيڪ ماڻهون شهيد ۽ بي گهر ٿيا. سيد يوسف رضا گيلان?? چيو ته ان وقت متاثرين جي بحالي هڪ مشڪل مرحلو هيو پر قومي اتحاد ۽ يڪجهتي ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان بحالي جو اهو مشڪل ڪم ممڪن ٿيو.سينيٽ چ??ئر??ين وڌيڪ چيو ته اڄ به قوم کي 8 آڪٽوبر جي زلزلي کانپوءِ واري اتحاد ۽ يڪجهت?? جي ضرورت آهي. اهڙي طرح پاڻ ۾ اختلافن کي وساري ملڪ کي درپيش چيلنجن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرائي سگهجي ٿو. سينٽ چ??ئر??ين سيد يوسف رضاگيلاني 8 آڪٽوبر 2005 ع جي زلزلي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ ملڪ کي اهڙين آفتن مان محفوظ رکڻ جي دعا پڻ ڪئي.