لنڊن-29 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان کي جميعت علماءِ اسلام (ف) جو بن?? مقابلي ۽ گڏيل طور تي صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وز??را??ظم چيو ت?? مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) هميشه عوام جي بهترين نمائندگي ڪندي آئي آهي، مولانا فضل الرحمان جي، جي يو آءِ (ف) جي صدر جي حيثيت سان چونڊ سان جمهوري قدرن کي هٿي ملندي. وز??را??ظم چيو ت?? ملڪ ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي قيام ۾ مولانا فضل الرحمان جو انتهائي اهم ڪردار آهي، اسان کي اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي ۽ هٿي وٺائڻ لاءِ بهترين ڪم ڪندي. وز??را??ظم چيو ت?? مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۽ ويزن هيٺ جي يو آءِ (ف) کي وڌيڪ بلندين طرف وٺي ويندي. وز??را??ظم، مولانا عبدالغفور حيدري کي به جي يو آءِ (ف) جو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني.