اسلام آب??د – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ک?? پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، سندس دوري دوران ساڻس ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻ??ئڻ ۽ ٻنهي قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاران ايڪس ت?? پاڪستان پهچڻ ۽ نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين پاران استقبال جي تصويرن سان گڏ ڪيل پوسٽ جي جواب ۾ کيس مخاطب ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان جي دوري سان امن، خوشحالي ۽ علائقائي ترقي جي اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملندي. وزيراعظم چيو اچو ته گڏج?? پاڪستان ۽ ملائيشيا جو مستقبل روشن ڪريون.