اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ڪالهه اڱاري ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي ??و) ميڊيا فيسلي ليٽيش?? سينٽر جو دورو ڪيو ۽ مقامي ۽ عالمي ميڊيا جي سهولت لاءِ ڪيل مختلف انتظامن جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان کي پرنسپل ان??ارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن ڊيجيٽل لائبريري، ميڊيا فيسلي ٽيشن روم، اسٽوڊيو ۽ ميڊيا روم سميت مختلف سهولتن بابت بريفنگ ڏني. دوري دوران غيرملڪي ميڊيا جي صحافين پرڏيهي آفيس جي ترجمان سان ڳاله?? ٻولهه پڻ ڪئي. ٻئي طرف اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر ان??ارالحق ڪاڪڙ پڻ ميڊيا فيسلي ٽيش?? سينٽر جو دورو ڪيو ۽ مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي صحافين سان ڳاله?? ٻولهه ڪئي.