اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڪشمير پاڪستانين جي دلين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏين??ن جي موقعي تي واضح پيغام ڏ??و ويندو. جاري ڪيل بيان مُوجب انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ 27 آڪٽوبر ڪاري ڏين??ن جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشمير پاڪستانين جي دلين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏين??ن جي موقعي تي واضح پيغام ڏ??و ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير تي ڏاڍ طور قبضو ڪري رکيو آهي جنهن کي ڪشميري عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، والاريل ڄمون ڪشمير جي معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجن ڪشميري ڀائرن ۽ ??ين??ن جي پُختي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جو آواز سڄي دنيا تائين پهچايو ويندو ۽ پاڪستاني قوم ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل تائين سُک سان نه ويهندي. اهو اسان جو قومي فرض آهي ۽ ڪشمير مسئلو زندهه آهي ۽ آزاديءَ تائين اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومتن جي نمائندن وفاقي وزير کي ڪاري ڏين??ن جي تياري بابت بريفنگ ڏني.