اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار آئيني ترميمن تي پارليامينٽ ميمبرن کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، انهن جي اندر اتحاد ۽ اتفاق نه آهي، اهي پاڻ ۾ وڙهيل ماڻهو آهن، ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ياد رکو ماڻهن کي ڌمڪائيندڙ عنصرن جي خلاف رياست سخت ڪارروائي ڪندي، جن ملڪ سان غداري ڪئي انهن جا مثال سڀني جي سامهون آهن، پنهنجي حڪومت جي دور ۾ انهن ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو، قوم ڄاڻي ٿي، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، ڪا سياسي پارٽي ملڪ کان وڏي نه آهي، امن ۽ سڪون سان معاملا اڳتي وڌندا. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الحمدالله! شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه ڪا??فرنس ڪا??يابي سان پڄاڻي تي پهچي وئي آهي، پاڪستان جو نه رڳو عالمي سطح تي تشخص بحال ٿيو آهي ??ر ايندڙ مهمانن پاڪستان جي خطي ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو آهي. مهمانن ايس سي او سربراهه ڪا??فرنس جي انتظامن کي پڻ ساراهيو ۽ شاندار مهمان نوازي تي پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايس سي او ڪا??فرنس جي ڪا??يابي پاڪستان جي فتح آهي، پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت سميت سمورن ادارن ۽ عوام ايس سي او سربراهه اجلاس جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چيو ته 27 سالن کانپوءِ هڪ وڏو ايونٽ پاڪستان ۾ ٿيو جيڪو اسان جي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، ان ڪا??فرنس جي انعقاد سان پاڪستان ۽ عوام جي لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خوشخبريون اينديون. هن چيو ته ايس سي او سربراهه ڪا??فرنس جي موقعي تي اهم ٻطرفيون ملاقات??ن ٿيون، اڄ وزيراعظم سان روس جي وزيراعظم جي ملاقات ٿي، واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان مختلف ملڪن سان ڳالهه ٻولهه هلي ر??ي آهي. هن چيو ته ايس سي او ڪا??فرنس جي ڪا??ياب انعقاد سان پاڪستان ۽ پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻا فائدا حاصل ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن تحت ڪا??ياب ايس سي او ڪا??فرنس جو انعقاد ٿيو. باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي آڪسفورڊ جي چانسلر جي اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آڪسفورڊ جي چانسلر جي چونڊن جي حوالي سان هڪ اهم خبر آئي آهي، مهذب معاشرن جي اندر قانون ۽ آئين جي بالادستي هوندي آهي، سزا يافته ۽ ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو کي اهڙي طرح جي اعليٰ عهدن تي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ناهي هوندي، اڄ آڪسفورڊ پڻ فيصلو ڪيو آهي ۽ چانسلر جي اميدوارن جي فهرست ۾ اهڙي شخص جو نالو شامل نه ڪيو جيڪو ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ ملوث آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي آءِ پارليامينٽ ميمبرن کي آئيني ترميمن تي ڏني ويندڙ ڌمڪين بابت چيو ته اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ سان جيڪو غداري ڪندو، ان کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو. هن چيو ته ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ياد رکو عبرت جو نسان توهان نه پر رياست توهان کي ٺاهيندي. جيڪڏهن ڪنهن جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سخت ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڌمڪي آميز سوچ باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ سندس پارٽي جو شيوو آهي. هن پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرائڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف کي خط لکيا، 9 مئي تي حملو ڪري شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪيو، ايس سي او سمٽ دوران احتجاج جي ڪا?? ڏني. هن چيو ته اڳ ۾ به چيو هو ته تحريڪ انصاف جي ڪا?? غيرسنجيده آهي، هاڻي به چئ??ن ٿا ته انهن جون ڌمڪيون غيرسنجيده آهن، انهن جي اندر اتحاد ۽ اتفاق نه آهي، اهي پاڻ ۾ وڙهيل ماڻهو آهن، هاڻي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جن ملڪ سان غداري ڪئي آهي انهن جا مثال عوام جي سامهون آهن. انهن ماڻهن جا رويا سڀني جي سامهون آهن. انهن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو عوام سڀ ڄاڻي ٿي. هن چيو ته سدائين چيو آهي ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون، ڪا سياسي پارٽي يا ليڊر پاڪستان کان وڏو نه آهي. هن چيو ته امن ۽ سڪون سان معاملا اڳتي وڌندا، معيشت ترقي ڪري ر??ي آهي، پرڏيهي پاليسي ۾ اسان اڳتي وڌيا آهيون، تحريڪ انتشار جي ڌمڪين ۾ سنجيدگي نه آهي، جيڪڏهن انهن ٿوري به ڪوشش ڪئي ته قانون پوري طرح سان حرڪت ۾ ايندو، نه رڳو انهن کي روڪينداسين ??ر اهڙي طرح جو جلاءُ ??هيراءُ ??ندڙن، ماڻهن کي ڌمڪائيندڙ عنصرن جي خلاف رياست سخت ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.