اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران غزه ۽ لبنان جي جنگ سٽيل عوام جي لاءِ فلاحي بنياد تي امداد جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي کان ٻي امدادي کيپ لبنان جي لاءِ رواني ڪئي وئي آهي. الخدمت فائونڊيشن جي تعاون سا?? اين ڊي ايم اي پاران رواني ڪيل ان امدادي کيپ ۾ دوائون، تيار گوشت، خيمن، فراسين، گرم بسترن، گرم ڪپڙن ۽ خشڪ کير تي ٻڌل اٽڪل 100 ٽن سا??ان لبنان جي لاءِ روانو ڪيو ويو. امدادي سا??ان سڌوسنئون هوائي جهاز جناح ??نٽ??نيشنل ايئرپورٽ ڪراچي کان بيروت لبنان جي لاءِ روانو ٿيو. سا??ان روانگي جي تقريب ۾ اين ڊي ايم اي، پرڏيهي وزارت ۽ الخدمت فائونڊيشن جي نمائندن ۽ مق??مي انتظاميا جناح ??نٽ??نيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي موجود هئي. هن فلسطين ۽ لبنان ۾ جنگي صورتحال ۽ اتان جي عوام جي ضر??رت?? کي نظر ۾ رکندي متاثر آبادي کي امداد فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن مصيبت ۾ گهيريل ڀينرن ڀائرن جي مدد لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ انهن ڪوششن کي وڌائڻ جي لاءِ فلاحي تنظيمن ۽ پاڪستاني عوام جي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان پاران فلسطين ۽ لبنان جي لاءِ امدادي سا??ان جي اها ٻارهين کيپ آهي. ان کان اڳ فلسطين جي لاءِ 10 امدادي کيپون جڏهن ته لبنان جي لاءِ خميس ڏينهن ٻي امدادي کيپ پهچي وئي. پاڪستان حڪومت لبنان ۽ فلسطين جي جنگ سٽيل عوام جي ضر??رت?? موجب امدادي سا??ان موڪلڻ جي سلسلي کي جاري رکيو آهي. واضح رهي ته 11 آڪٽوبر 2024ع تي اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيندڙ ميٽنگ دوران وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم جي هدايت تي غزه ۽ لبنان جي لاءِ وزيراعظم ريليف فنڊ جي نالي سا?? هڪ خصوصي اڪائونٽ قائم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو هو جنهن جي ذريعي عوام پاران عطيو ڪيل امداد گڏ ڪئي ويندي ته جيئن غزه ۽ لبنان جي مشڪل ۾ ??رت?? ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري سگهجي.