اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ منگوليا کي واپار، سيڙپڪاري، عوام سان عوام ۽ مواصلاتي رابطن کي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل منگوليا ??ي وزي??اع??م اويون اردين لويسناهي ملاقات ڪئي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف منگوليا ??ي وزي??اع??م جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ چيو ته سندس دورو ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. هن منگوليا جو ٻيهر وزي??اع??م چونڊ??ڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ مواصلاتي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف منگوليا جي سول سرونٽس کي پاڪستان جي تربيتي ادارن ۾ تربيت جي آڇ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ 2025ع کي پاڪستان منگوليا دوستي جو سال قرار ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. منگوليا ??ي وزي??اع??م شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزي??اع??م محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايس سي او، سي ايڇ ??ي چيئر جي طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ گڏيل ڪوششن ۽ تعاون جي ذريعي مضبوط ۽ ويجها ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار، سياحت، ز??اع?? ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي ڪميشن ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ عالمي پارلياماني يونين قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ملاقات جي موقعي تي منگوليا ??ي وزي??اع??م اويون اردين لويسناهي وزي??اع??م هائوس ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.