رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. ري??ض جي نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز رياض پهچڻ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. سعودي عرب ۾ پا??ستان جو سفير احمد فاروق ۽ پا??ستان ۽ سعودي عرب جا اعليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ رياض هوائي اڏي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم رياض ۾ 19 کان 31 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرن?? ۾ ??رڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات پڻ متوقع آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، نا??ي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهن.