اسلام آ??اد –; 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پنجاب اسيمبلي پريس ڪميٽي جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، غيرجانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير خواجه نصير کي بنا مقابلي صدر ۽ عدنان شيخ کي بنا مقابلي سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪ??اد ڏني. وفاقي وزير چيو ته ??نجاب اسيمبلي پريس گيلري ڪميٽي جو صحافين سان مضبوط تعلق آهي، اطلاعات واري وزارت جا دروازا سدائين صحافين جي لاءِ کليل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??وان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو لهندا.