اسلام آباد – 07 ?? نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ خراب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي خلاف احتجاج طور بک هڙتال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فرضي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ کانپوءِ محمد ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيل ۾ بند آهي ۽ کيس موت جي سزا درپيش آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته محمد ياسين ملڪ کي معياري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ت??جم??ن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پر??من حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخ??اقي حمايت جاري رکندو.