لاهور-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گلبرگ ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجا??ت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير شافع حسين به موجود هو. چوڌري شجا??ت حسين ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. محسن نقوي ۽ شجا??ت حسين شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. چوڌري شجا??ت حسين وفاقي حڪومت کي تعمير ٿيندڙ نَون روڊن کي شهيدن جي نالن سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وفاقي وزير، چوڌري شجا??ت حسين جي مطالبي سان اتفاق ڪندي ??سل??م آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نَون روڊن جا نالا شهيدن سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان ان تي عملدرآمد لاءِ ڳالهائيندس. چوڌري شجا??ت حسين چيو ته اهو ڪم وطن جي شهيدن ۽ـ انهن جي پونئيرن سان حڪومت جي يڪجهتيءَ جي اظهار جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين شهادت ماڻي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿو ڪري سگهي. شهيدن پنهنجي رت سان امن قائم ڪيو آهي، اسان شهيدن جي پونيئرن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. هن واضح ڪيو ته ڌماڪا بهادر پاڪستاني قوم جو مقدر ناهن، قوم جي حمايت سان ان ناسور کي ختم ڪنداسين. چوڌري شجاعت آسٽريلي?? خلاف 22 سالن کانپوءِ ون ڊي سيريز کٽڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته توهان جي محنت ۽ رانديگرن جي ڪارڪردگي ڪاميابي??َ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.