اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه ايوان ۾ وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري تي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪ??دي چيو آهي ته ايندڙ هفتي وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽريز ايوان ۾ موجود نه هوندا ته ايوان جي ڪارروائي نه هلائي ويندي. ڊپٽي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خميس ڏينهن قومي ??سيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ، حديث ۽ قومي ??راني کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر سوالن ??ار?? وقفي جي شروعات ڪئي، اعتراض ??ار?? نقطي تي ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڪالهه وانگر اڄ به ايوان ۾ نه ته وزير موجود آهن ۽ نه ئي وفاقي پارلياماني سيڪريٽريز موجود آهن ته ميمبرن جي سوالن جا جواب ڪير ڏيندو جنهن تي قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته سوالن ??ار?? وقفو ٻيهر شروع ڪيو ويو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اين سيد نويد قمر ٻيهر اهو ئي معاملو اٿاريو ته وفاقي وزير ۽ سيڪريٽرين جي غير حاضري ۾ سوالن ??ار?? وقفو ڪ??ئن هلائي سگهجي ٿو. اعتراض ??ار?? نقطي تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري جي نشاندهي ڪئي پئ?? وڃي، ڊپٽي اسپيڪر رمارڪس ڏنا ته ان صورتحال بابت وزيراعظم کي خط لکي رهيا آهيون، هن ايجنڊا ملتوي ڪندي ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.