برسل?? – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پا??ستان بيلجيئم ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون اجلاس بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ ٿيو. ا??ڊي??نل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پا??ستان جڏهن ته ٻطرفي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل سفير جيروئن ڪورمين بيلجيئم پاران قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده رفتار تي اطمينان ج?? اظهار ڪندي سياسي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، علمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا، قونصلر معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو جامع جائزو ورتو. ان موقعي تي گهڻ رخي فورمز ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي پا??ستان بيلجيئم جي حصيداري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين پنهنجي گڏيل ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ وقت سر مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو.