اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري ص??افي روزاني بزنس رڪارڊر جي ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو ا??شد زبيري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ??هر??اتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ا??شد زبيري جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ا??شد زبيري جوش ۽ جذبي سان اخباري صنعت جي خدمت ڪئي، ا??شد زبيري انتهائي باصلاحيت ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن معاشي ص??افت ۾ نوان معيار قائم ڪيا. هن چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ا??شد زبيري جي مغفرت ف??ما??ي ۽ سندس ??هر??اتين کي ص??ر ۽ جميل عطا ف??ما??ي.