جده – 21 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ماحولياتي ۽ پاڻي واري وزارت کوهه جي کوٽائي لاءِ پ??مٽ جا نوان قاعدا ۽ ضابطا جاري ڪيا آهن. سعودي خابرو اداري موجب وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنا اجازت کوهه کوٽڻ تي ٻه لک ريال ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. وزارت اها پڻ پابن??ي هنئي آهي ته کوهه کوٽيندڙ اداري ۾ آن لائن ادائيگي سسٽم ضروري آهي. وزارت چيو آهي ته کوهه جي کوٽائي، صفائي ۽ انهن کي اونهو ڪرڻ ??اري ڪ?? جي نگراني لاڳاپيل ماهرن جي حوالي آهي، ان بغير انهن ڪمن مان ڪو به ڪم نه ٿو شروع ڪري سگهجي.