مظفر آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪشميري اڳواڻن کي خاطري ڪرائي آهي ته ان مشڪل گه??ي ۾ حڪومت پاڪستان ۽ پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گ?? آهي، پاڪستان هر فورم تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر آباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو. ڪشميري اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جو پاڪستان جو آزادي جو ڏهاڙو ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار طور ملهائڻ ۽ مظفر آباد اچڻ تي ٿورو ادا ڪيو.