ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? پاڪستان آ??اداڻي سيڙپڪاري پاليسي ت?? عمل ڪري رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول ۽ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو، جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن ۾ دستياب منافع بخش موقعن مان فائدو کڻن. هو ٽوڪيو ۾ جاپان پاڪستان بزنس ڪميونٽي طرفان ڏنل آجياڻي جي ت??ريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي ت?? پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي جي وفد ۾ ميرو بيني ڪارپوريشن، ٽويوٽا موٽرز، سوزوڪي موٽرز، متسوبشي، سومي ٽومو، يونيورسا آ??ي ميٽلز ۽ مٽسوئي سميت مشهور جاپاني بزنس ڪارپوريشنز جا نمائندا به موجود هئا.