اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نجي شعبي جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور شرڪت ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي وزارتن کي ان حوالي سان هر مم??ن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موجود قانونن ۽ عملن ??و جائزو وٺڻ جي هدايت ڪ??ي آهي، وزيراعظم وزيرن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کي پڻ اها هدايت ڪ??ي آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل کاتن ۾ اهڙن ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ڪن جتي رڳو سهولتڪاري، قانونن کي آسان بڻائي يا گهٽ مالي وسيلا لڳائي ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو. هن اها هدايت ملڪ ۾ معاشي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان مختلف شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.