لاهور – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ??يڊ??رٽائيزنگ، مارڪيٽنگ ۽ ميڊيا جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ ڏاج جي وبا جي خاتمي لاءِ ٽرڪ آرٽ وسيلي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو خيال پيش ڪندي چيو آهي ته ??يڊ??رٽائيزنگ ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، ??يڊ??رٽائيزنگ انڊسٽري لاهن چاڙهن جي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ بهتري طرف گامزن آهي، اميد آهي ته اها انڊسٽر?? ٻيهر پنهنجي بلندين تائين پهچندي، برانڊ کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ??يڊ??رٽائيزنگ جو شعبو انتها??ي اهميت رکي ٿو ۽ اسان اشتهارن ذريعي ڪيترين ئي قدرتي آفتن کان به بچي سگهون ٿا، 31هين ايڊ ايشيا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ نه رڳو ملڪي سطح پر عالمي سطح تي ??يڊ??رٽائيزنگ کي مثبت انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ٽن ڏينهن واري ايشين ??يڊ??رٽائيزنگ ايڊ ايشيا ڪانفرنس 2019ع جي افتتاحي ڏينهن مختلف سيشنز ۾ ڪيو ويو، جيڪا صوبائي گاد?? واري شهر لاهور ۾ الحمرا هال ۾ شروع ٿي.