اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هر لحاظ کان هڪ ماڊل سٽي هجڻ گهرجي، ڪمزو?? طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وڏ?? ڏوهاري پيشي عنصرن ۽ مافيا جي ??لا?? وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو وڃي، سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد عوام کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي ۽ اقتصادي عمل ۾ نمايان اضافو هجڻ گهرجي ته جيئن روزگار جا موقعا فراهم ٿين ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي معاملن ۽ شهرين کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي ص??ار?? ڪندي ڪيو.