اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توانائي جو شعبو ملڪي مع??شت جي ترقي ۾ اهم اهميت رکندڙ آهي، صارفين ۽ صنعتن کي مناسب قيمت تي بجل?? جي فراهمي، توانائي جي ش??بي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ماض?? جي حڪومتن طرفان ڪيل معاهدن، وقت سر انتظامي سڌارن کي هڪ پاسي رکڻ سان توانائي جي ش??بي ۾ مختلف چئلينجز درپيش آهن جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، عوام جي مشڪلاتن جو چڱي ريت اندازو آهي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته بجل?? جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجل?? جي قيمتن ۾ ممڪن گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو