اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپري??ن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 49 هز??ر 92 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ??ڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض وينٽيليٽر تي نه آهي، 1568 وينٽيليٽرز ڪووڊ 19 جي مريضن جي لاءِ مختص، 420 وينٽيليٽرز استعمال ۾ آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2451 نوان مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته و??يڪ 75 ماڻهو ڪورونا کان وڙهندي جان جي بازي هارائي ??يا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 255 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ جا 9 هزار 860، پنجاب جا 8 هزار 55، ڪي پي ڪي جا 2 هزار 366، اسلام آباد جا 2 هزار 70، بلوچستان جا 2، آزاد ڪشمير جا 415 ٽيسٽ شامل آهن.