اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 42 هون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ ??ڪو??ت پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪيل ترميم جو جائزو ورتو ويو. گڏيل مفاد واري ڪائونسل پيٽروليم واري وزارت کي ذميواري ڏني ته صوبن ک?? ريگيوليٽري باڊي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ موزون مڪينزم جي امڪان جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ پنجاب ??ڪو??ت پاران چشما رائٽ بئنڪ ڪينال جي هيٺئين حصي جو ڪنٽرول پ??ڻي وسيلن واري وزارت کان پنجاب ??ڪو??ت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست جو جائزو ورتو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل تجويز سان اتفاق ڪندي ان حوالي سان ارسا، پنجاب ??ڪو??ت ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جيڪا ان ڏس ۾ طريقيڪار ۽ ٻن صوبن جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيش ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن جي مستقبل ۾ ڪردار ۽ ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪيو ويو ته موجوده انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن، استادن ۽ شاگردن ک?? وفاقي تعليم ۽ پيشي??ار??ڻي تربيت واري وزارت کان لاڳاپيل صوبن ۽ علائقن ک?? منتقل ڪيو وڃي. اهو عمل هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشي??ار??ڻي تربيت واري وزارت کي ان حوالي سان صوبن سان مشاورت سان پلان تيار ڪري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.