اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ با??ت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، ايسوس??يش?? آف بلڊرز ۽ ڊوليپرز (آباد) اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سنڌ ۾ 74 منصوبن جي منظوري ملي چڪي آهي جنهن جي ڪل لاڳت 28 ارب روپيا آهي، انهن منصوبن جي آغاز سا?? 55 ارب روپين جون لاڳاپيل معاشي سرگرميون شروع ٿينديون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سيپٽمبر 2019ع کان سيپٽمبر 2020ع جي عرصي ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ 17 سيڪڙو ۽ اسٽيل جي وڪري ۾ 19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو، آباد تعميرات جي منظوري جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سا?? حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ تجويزون به پيش ڪيون.