اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? سومر ڏينهن ??رط??نيه جي وزيراعظم بورس جانسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل رابطن، افغان امن عمل، ڪووڊ 19 وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خا?? 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بورس جانسن جي شاندار وڊيو پيغام تي سندس ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم عمران خا?? اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ ??رط??نيه جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ مضبوط حصيداري ترقي ڪندي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم عمران خا?? ??رط??نيه ۾ ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ بورس جانسن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان پاران ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ انساني زندگين کي بچائڻ سان گڏوگڏ روزگار ۽ معيشت جي تحف?? جا قدم شامل هئا، هن بورس جانسن کي چيو ته هو پاڪستان کي ان وبا جي ڪري ملڪن تي سفري پابندين جي ريڊ لسٽ تي وجهڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، افغانستان جي حوالي سان وزيراعظم عمران خا?? چيو ته پاڪستان افغانستان جي قيادت ۾ انهن جي پنهنجي امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت ڪري ٿو،