اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪاران ??ي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرتي آفتن ۾ متاثرين کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??نٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪريسنٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر، اليگزينڊر ميٿيوس سان ملاقات دوران ??يو، ان موقعي تي انجمن هلال احمر پاڪستان جي چيئرمين ابرابر الحق به موجود هو. صدر عارف عل??ي چيو ته قدرتي آفتن کي مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪارن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرتي آفتن ۾ متاثرين کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، هن چيو ته هلال احمر پاڪستان ??ورونا جي دوران عوام کي صحت جون سهولتون پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، حڪومت جي ڪورونا جي دوران ??امياب سمارٽ لاڪ ڊائون پالي??ي جي ڪري صورتحال ضابطي ۾ رهي. صدر چيو ته حڪومت ڪورونا جي دوران ??مزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فنڊ مختص ڪيا. صدر هلال احمر پاڪستان جي مدد فراهم ڪرڻ تي انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس جي ڪردار کي ساراهيو.