اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 29 سيپٽمبر تي ٽانڪ ضلعي ۽ 25 سيپٽمبر تي ڪوئيٽا ۾ شهي?? ٿيندڙ جوانن جي گهرڀاتين سان رابطو ڪيو ۽ ش??يدن کي انهن جي خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عارف علوي 25 سيپٽمبر تي بلوچستان هرنائي ضلعي ۾ شهي?? ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن ڪيپٽن سڪندر سهيل ۽ سپاهي محمد عرفان جي گهرڀاتين کي ٽيليفون ڪئي. صدر سپاهي ماجد فريد، سپاهي حسنين رحمت جي گهرڀاتين سان ڳالهه بولهه ڪئي. هن سپاهي ذاڪر حسين ۽ سپاهي محمد سليم جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ش??يدن کي انهن جي خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندن گهرڀاتين جي لاءِ ??بر جميل جي دعا ڪئي.