اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هد??يت ڪئي آهي ته ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ مختلف حڪومتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ موثر ميڊيا ڪميونيڪيشن حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم سان اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ??ئي?? پنجاب جي وڏي وزير جو اطلاعات بابت خاص مددگار حسان خاور ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو اطلاعات بابت خاص مددگار بئريسٽر سيف علي به موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ مختلف حڪومتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ موثر ميڊيا ڪميونيڪيشن حڪمت عملي جوڙڻ جي هد??يت ڪئي .