اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر ت??مي?? ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ ا??اف?? طريقا ڳولي، افغانستان ۾ زندگي جو ??عيار بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پ??ڏي??ي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ع??ران خان ايران جي پ??ڏي??ي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي افغانستان جي موجوده معاشي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته غيرمعمولي اجلاس سان اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي افغانستان جي مدد جو ??وقعو ملندو. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر ت??مي?? ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ ا??اف?? طريقا ڳولي. ٻطرفن معاملن بابت وزيراعظم ع??ران خان دوستاڻن ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ايران خاص طور تي سپريم ليڊر پاران ڪشمير تڪرار تي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جي دعوت ڏني. پ??ڏي??ي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جي پ??ڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني جي فيصلي تي پاڪستان کي ساراهيو. هن گڏيل لاڳاپن جي فروغ لاءِ ايران جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.