اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ جي ??اءِ سازگار ماحول ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ حڪومت احساس اسڪالرشپ ۽ ڪامياب جوان جهڙن منصوبن جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن نوجوان بهترين تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي ??يڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي اهتمام هيٺ فيصل مسجد ڪئمپس ۾ هفتيوار ڪاروبا??ي مهم جي ??ڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان 7 ڏ??نه?? واري ايونٽ ۾ ورڪشاپس، انڊسٽري ۽ شاگردن جي ??چ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جي ??يهڪن سميت تخليقي اشتهارن جي ??قابلن ۽ ڪاروبا??ي منصوبن جي ??قابلن جو اهتمام ڪيو ويو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب رکيا ويا آهن جڏهن ته ان ڏس ۾ 25 هزار قرض ڏنا ويا آهن. هن چ??و ته ڪاروبار شروع ڪرڻ جي ??اءِ نوجوانن کي 10 لک کان اڍائي ڪروڙ جا قرض ڏنا پيا وڃن ته جيئن بهترين ڪاروباري عورتون ۽ مرد پيدا ڪري سگهجن. هن ٻڌا??و ته اسپيشل ٽيڪنالاجي ۽ اڪنامڪ زونز سميت احساس اسڪالرشپس جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن اعليٰ تعليم جي سهولت کان ڪير به محروم نه رهي. هن چ??و ته اسلامي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو جذبو، خيال ۽ پراجيڪٽس ڏسي دلي خوشي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي شڪست جي خوف کي ذهن مان ڪڍي ڇڏين ۽ حالتن جو ڄم?? مقابلو ڪن ته اهو ڏ??نه?? پري نه آهي ته هن ملڪ کي ترقي جي ??نزل تائين پهچائي سگهجي.