اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ترڪيءَ جي مذهبي معاملن جي پريزيڊنسي جي سرب??اه?? پروفيسر ڊاڪٽر علي ايرباس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ملاقات ۾ ترڪيءَ جي منظم اداراجاتي تعليمي نظام جي شعبي ۾ بهترين قدمن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مذهبي، ثقافتي، لساني ۽ تعليمي رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم منظم ۽ اداراجاتي مذهبي تعليمي نظام جي ترڪ ماڊل کي سا??اه??و ۽ ان شعبي ۾ بهترين طريقن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻطرفي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته ڊاڪٽر ايرباس جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي مذهبي ادارن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻ??ئڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي پاڪستان جي مستقل حمايت تي ترڪ حڪومت ۽ قيادت جا ٿورا مڃيا. هن وڌندڙ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي گڏيل قدمن تي پاڪستان سان ترڪيءَ جي ويجهي تعاون کي پڻ سا??اه??و. پروفيسر ڊاڪٽر ايرباس والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ترڪيءَ جي اصولي موقف کي ورجايو. هن پاڪستان پاران رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ کي سا??اه??ندي ان سلسلي ۾ ترڪيءَ جي تعاون جي آڇ ڪئي. هن وزيراعظم کي ترڪ قيادت پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻ??ئڻ جي ترڪيءَ جي خواهش کي ورجايو.