اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آسٽريا جي ڪمپنين لاءِ پ??ڪس??ان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن جڏهن ته آسٽرين پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ چيو ته پ??ڪس??ان آسٽريا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، آسٽريا پ??ڪس??ان سان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ گڏيل ??ري?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽرين هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن، عل??ئقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ ??وڪ??ين جي صورتحال به غور هيٺ آندي وئي، هن چيو ته اسان موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي جو رستو طئي ڪيو آهي، هن چيو ته اڄ اسان جي ڳالهه ٻولهه واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي مرڪوز رهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽريا جي پرڏيهي وزير سان گڏ دوري تي آيل واپارين جو وفد تعاون ۾ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي غرض سان پنهنجي پ??ڪس??اني هم منصبن ۽ واپار واري صلاحڪار سان ڳالهيون ڪندو. آسٽريا جي پرڏيهي وزير چيو ته هو پنهنجي مڪ جي 20 واپارين سان گڏ آهي ۽ هائيڊرو جن پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عالمي اڳواڻ هجڻ جي ڪري هو پ??ڪس??ان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين جي ڳولا ۾ آهي. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان به آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان 20 ملين آبادي تي ٻڌل وڏي منڊي آهي ۽ هي عل??ئقائي واپار جومرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير روس ۽ ??وڪ??ين جي وچ ۾ ڳالهين جي مثبت نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي ۽ چيو ته اسان پ??ڪس??ان سدائين تڪرارن جي پرامن حل تي ز??ر ڏنو آهي ڇو ته اسان جنگين جي وڏي مالي ۽ جاني قيمت ادا ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي ۽ اسان ڳالهين ۽ سفاتڪاري سان تڪرار حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته روس ۽ ??وڪ??ين جي وچ ۾ جنگ جا اثر يورپ کان ٻاهر آهن ۽ پ??ڪس??ان سميت اسرندڙ ملڪ ان جو نتيجو پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي صورت ۾ محسوس ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پ??ڪس??ان جا ??وڪ??ين سان بهترين لاڳاپا آهن، پ??ڪس??ان عالمي قانونن ۽ يو اين چارٽر تي يقين رکي ٿو ۽ سمورن ملڪن جي عل??ئقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، پ??ڪس??ان گذريل ڏينهن انساني همدردي جي بنياد تي ??وڪ??ين کي امداد موڪلي آهي. هن چيو ته جنگين سان سدائين اسرندڙ ملڪن جي معيشتن تي منفي اثر پيا آهن. آسٽريا جي پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ ??ري?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس ملڪ پ??ڪس??ان سان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته هو 20 ميمبرن تي مشتمل واپارين جي وفد سان گڏ آيو آهي، جيڪي هائيڊرو پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عبور رکن ٿا، اهي پ??ڪس??ان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين ۾ سيڙپڪاري چاهين ٿا، اليگزينڊر شلن برگ تازو ئي پشاور ۾ مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پ??ڪس??ان ۽ آسٽريا ٻئي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هن افغانستان کان پنهنجي شهرين جي واپسي ۾ تعاون تي پ??ڪس??ان جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، هن چيو ته پ??ڪس??ان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته ??وڪ??ين جنگ سان ٻي جنگ عظيم کانپوءِ وڏي پئماني تي يورپ کي لڏپلاڻ جاري آهي ۽ هن وقت تائين 10 ملين ماڻهن ??وڪ??ين کان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.